درنگ لڪ

درنگ لڪ: هي لڪ کيرٿر ۽ بڊي جبل جي سنگم وٽ موجود آهي، جتي کيرٿر جبل جي پڄاڻي ٿيندي آهي. هن لڪ وٽان ئي قافلا مڪران ڏانهن ويندا آهن. سنڌ جي هڪ قومي شاهراهه، جيڪا برهمڻ آباد ۽ هالا کان سوسا ويندي هئي، اها واٽ وڙ وڪڙ کائي هن لڪ مان گذرندي هئي. پراڻي زماني ۾ هن لڪ کي وڏي اهميت حاصل هئي. سنڌو ۽ سمير تهذيبن جا واپاري سماجي ۽ تهذيبي ناتا هن لڪ ذريعي ئي قائم هئا. هي لڪ گهٽ اوچو ۽ گهٽ جوکم وارو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو